پوراني جلال الدين بايزيد

پوراني، جلال الدين بايزيد: سيد جلال الدين بايزيد پوراني پنهنجي وقت جو وڏو عالم، عابد ۽ زاهد شخص ٿي گذريو آهي، جيڪو هميشه زهد ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ شريعت ۽ طريقت جو پابند هو. سوالي ۽ عام ماڻهن جي جائز ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو، کيس جيڪڏهن ڪنهن معاملي بابت ڪنهن حاڪم ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو هو ته پاڻ خود ان سان ملاقات ڪري اهو معاملو حل ڪرائيندو هو، سندس دسترخاني تي هر وقت سوالي ۽ مهمان موجود هوندا هئا.
جلال الدين بايزيد بابت ”نفحات الانس“ ۾ لکيل آهي ته: ”ظاهري طور سندس ڪو به مرشد نه هو، يعني پاڻ ”اويسي“ هو، هو اڪثر چوندو هو ته: ”جڏهن مون کي ڪا مشڪل درپيش ايندي آهي ته ان کي حضور اڪرم ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي وسيلي دفع ڪندو آهيان“ جلال الدين پوراني 10 ذوالقعد 862 هه/ 19 سيپٽمبر 1458ع تي وفات ڪئي ۽ پوران شهر ۾ دفن ٿيو، وفات وقت هن بزرگ جي عمر 90 سال جي لڳ ڀڳ هئي، انهيءَ اندازي مطابق سندس ڄمڻ جو سن 773هه/1371ع ٿئي ٿو، سندس مزار تي ان وقت جي حاڪم سلطان حسين ميرزا بايقرا هڪ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو